کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ ڳوٺاڻن جو احتجاج

کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ ڳوٺاڻن جو احتجاج

نئون ڪوٽ (رپورٽ پيارعلي نھڙيو ) ٿرپارڪر پوليس چار ڏينهن اڳ ڳوٺ حجامڙو ساهڙ تي چڙهائي ڪري گم ڪيل ٽن ماڻهن جي گرفتاري ظاهر نه ڪئي، ڳوٺاڻن جو وڏي انگ ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ نئونڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي احتجاجي مظاهرو، ٿرپارڪر پوليس جي زيادتين خلاف سخت نعريبازي روڊ بند ٽريفڪ معطل ڪلوئي تعلقي جي رهواسين هارون ساهڙ ميوو ساهڙ ناليچڱو، عبدالرزاق، جمعون ساهڙ عوامي تحريڪ اڳواڻ ممتاز جوڻيجو رحمان نھڙيو ۽ ٻين نئونڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته چار ڏينهن اڳ ڳوٺ حجامڙو ساهڙ مان ٿرپارڪر جي ٽن تعلقن ڪلوئي، ڏيپلو ۽ مٺي جي پوليس وڏن اٽالن سان  رات جي اونداهي ۾ ڳوٺ حجامڙو ساهڙ تي چڙهائي ڪري اسانجا ٽي ماڻهو حسن ساهڙ، عزيز ساهڙ ۽ حنيف ساهڙ کي  کنڀي کڻي وئي جنهن کي  اڄ ڏينهن تائين ظاهر ناهي ڪيو، جنهن جو اڃان تائين ڪو پتو ناهي ٿرپارڪر پوليس جي اهڙي ڏاڍ ۽ ظلم جي ڪري علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آهي اسانجا ماڻهو بيماري يا ڪم ڪار لاءِ شهر به نٿا نڪري سگهن اسانکي خدشو آهي ته ڪٿي پوليس وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري گم نه ڪري ڇڏي،  هنن چيو ته ڄاڻايل ٽن ڄڻن  تي ڪنهن به قسم جي ڪابه ايف آئي آر داخل ناهي پوليس بلا جواز وڏيرن جي ونگار وهندي ماڻهو گم ڪري ڇڏيا آهن اسانکي خدشو آهي ڪٿي پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي فل فرائي  نه ڪري ڇڏي، هنن چيو ٿرپارڪر پوليس ونگاري ڪردار ادا ڪندي مظلوم ماڻهن سان ظلم ڪري رهي آهي،  هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، آئي جي سنڌ ڊي آئي جي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته گم ڪيل ماڻهن کي جلد بازياب ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو