ڏکڻ وزيرستان ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ لاقانونيت خلاف ڌرڻو جاري

ڏکڻ وزيرستان ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ لاقانونيت خلاف ڌرڻو جاري

پشاور(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ وزيرستان جي رستم بازار وانا ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، اغوا ۽ لاقانونيت خلاف ڌرڻو جاري آهي.ڌرڻي ۾ پيپلز پارٽي، اي اين پي، جماعت اسلامي، پي ٽي ايم ۽ قبائلي عمائدين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.احتجاج ڪندڙن علائقي ۾ امن قائم ٿيڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جيڪڏهن امن قائم نه ٿيو ته هو مري ويندا. انگور اڊا هاءِ وي سميت اهم شاهراهن کي بند ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو