ڏهرڪي:(ن س) ڏهرڪي سانڪو ڀرسان ڄام مھتاب حسين ڏھر حملي ڪيس ۾ شڪ جي بنياد تي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جي مختلف ڳوٺن ۾ چڙھائي ڪيترائي گھرن ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا ست عورتون پڻ گرفتار ڪيون ويون آهن. ڊي ايس پي اوٻاوڙو عبدالقادر سومرو ايس ايڇ او کينجھو ڄام قاسم مرڻاس جي اڳواڻي ۾ 10 کان وڌيڪ پوليس موبائيلون 2 بڪتربند گاڏيون ۽ پوليس جي وڏي نفري ساڻ ڪري ڳوٺ صوبدار شر، علي اڪبر شر ۽ ڳوٺ ڪرم شر سميت مختلف ڳوٺن ۾ چڙھائي ڪري گھر ڊاھي پٽ ڪيا ويا.پوليس ذريعن موجب ڄام مھتاب ڏھر مٿان حملي ۾ مارجي ويل ظفر ڏھر ۽ زخمي اسد شاھ، اختر پٺاڻ ۽ چنيسر ڌوندو ڪيس ۾ شڪ جي بنياد تي ڇاپا ھنيا ويا آھن جوابدارن جي گرفتاري تائين آپريشن جاري رهندو ٻئي پاسي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي تہ اسان مٿان حملي جو ڪيس داخل به ناھي بلاجواز پوليس اسان جي عورتن کي گرفتار ڪري وٺي وئي آهي ۽ اسان جا گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا آھن، چوپائي مال سان گڏوگڏ اناج ۽ گھرن ۾ پيل قيمتي سامان کڻي ويا آھن.ھنن ايس ايس پي گھوٽڪي توڙي ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٽيڪنالاجي جي ھن جديد دؤر ۾ صاف شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي جيڪڏهن اسان ملوث ھجون ته اسين پوليس ۾ پيش پوڻ لاءِ تيار آھيون










