ڊکڻ ۾ هٿياربندن اسپتال تي ڪاهه، عملو يرغمال، سامان ڦر

ڊکڻ ۾ هٿياربندن اسپتال تي ڪاهه، عملو يرغمال، سامان ڦر

ڊکڻ (ن س )ڊکڻ ڀرسان هٿياربندن سرڪاري اسپتال تي ڪاهه ڪري عملي ۽ چوڪيدار کي يرغمال بڻائي هٿيار ۽ ٻيو سامان ڦري ويا، جڏهن ته بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. پي پي ايڇ آئي سرڪاري اسپتال علي خان تي 5 کان وڌيڪ هٿياربندن حملو ڪري اسپتال عملي، ڪم ڪندڙ مزدورن کان موبائل فون، روڪ رقم ۽ چوڪيدار کان رائفل ڦري فرار ٿي ويا. ڦر واري واقعي خلاف ڪم ڪندڙ چوڪيدار شهمير شر ۽ مزدورن مير خان، نورالدين اڄڻ ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن ڊي آءِ جي ناصر آفتاب، ايس ايس پي شڪارپور ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته بدامني جو نوٽيس وٺي ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو