گرمي سبب سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جو وقت تبديل

گرمي سبب سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جو وقت تبديل

گهوٽڪي(ن س) ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي شديد گرمي جي پيش نظر سرڪاري توڙي نجي اسڪولن جو وقت تبديل ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن جاري. خبر موجب پي ڊي ايم اي سنڌ پاران جاري ڪيل شديد گرمي جي لهر واري الرٽ تحت ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي ڊاڪٽر سيد محمد علي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ايڪٽ 2010 مطابق هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ضلعي گهوٽڪي ۾ سرڪاري توڙي نجي اسڪولن جو 22 مئي کان 31 مئي تائين وقت تبديل ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪينش موجب سومر کان خميس ۽ ڇنڇر ڏينهن تعليمي ادارن جو وقت صبح جو 8 کان منجهند ساڍا 12 وڳي تائين هوندو جڏهن ته جمعي ڏينهن صبح جو 8 کان ساڍي 12 وڳي تائين هوندو. اسڪولن جي ذميوارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو نوٽيفڪيشن تي عمل ڪندي گرمي کان بچاءَ بابت احتياطي تدبيرون پڻ اختيار ڪن

پهنجو تبصرو موڪليو