ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي) جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم وزيراعظم شهباز شريف جي نئين ڊيمن بابت بيان کي رد ڪندي چيو آهي ت گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جو هن معاملي تي موقف هميشه کان واضع ء چٽو رهيو آهي ۽ اڄ ب آهي ته سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياء تي ڪنهن ب نئين ڊيم يا ڪئنال جي اڏاوت کي ڪنهن ب صورت ۾ قبول نه ڪندا. اھڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل بيان م ڪيو. سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو ت سنڌو درياء اسان جي زندگي جي علامت آهي. ان جي قدرتي وهڪرن ۾ ڪنهن به قسم جي وڌيڪ ردوبدل اسان جي صوبي جي زراعت، معيشت ۽ ماحوليات لاءِ هڪ سنگين خطرو آهي. پاڻي جي ورڇ ۾ تاريخي ناانصافين سنڌ کي اڃائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ٻين علائقن کي مسلسل فائدو پهچي رهيو آهي. اها صورتحال هاڻي وڌيڪ برداشت نٿي ڪري سگهجي. هن چيو ت سنڌ جي ماڻهن کي سخت ڳڻتي آهي ته ڀارت ھڪ طرفو ء غيرقانوني طور سنڌ طاس معاهدو ختم ڪري ڇڏ يو آهي، جيڪو پاڪستان جي آبي تحفظ لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، پر ان جي باوجود وفاقي حڪومت اڃا تائين ان معاملي تي ڪو سنجيده قدم ناهي کنيو، جهڙوڪ عالمي عدالت انصاف سان رابطو ڪرڻ ھن چيو تھ بيروني جارحيت جي مقابلي ۾ مؤقف اختيار ڪرڻ بدران، وفاقي حڪومت اهڙيون اسڪيمون ٺاهڻ م مصروف آهي جيڪي سنڌ جي پاڻي جي جائز حصي کي وڌيڪ کسڻ جو ذريعو بڻجي رهيا آهن.جي ڊي اي واضح ڪري ٿي ت جيڪڏهن ڪو ڊيم ٺهڻو آهي ته اهو رڳو سنڌ جي حدن اندر ٺهڻ گهرجي ۽ قومي ترقيءَ جي نالي تي سنڌ کي وڌيڪ محروم ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش قبول نه ڪئي ويندي.جي ڊي اي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪري ٿي ت اهڙيون سڀ منصوبا بنديون فوري طور واپس ورتيون وڃن جيڪي هيٺين دريائي صوبن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جي مترادف آهن ء جي ڊي اي هن حوالي سان هر آئيني، قانوني ۽ سياسي رستو اختيار ڪندو ت جيئن سنڌ جي آبي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ت سنڌ جا ماڻهو پنهنجن بنيادي حقن جي وڌيڪ ڀڃڪڙي ڪنهن ب صورت ۾ قبول نه ڪندا. هن چيو ت وفاق ڀارت جي سنڌ طاس معاهدي تي عمل ڪرائڻ لاءِ سفارتي ڪوششن ڪرڻ بدران ننڍن صوبن جي پاڻيءَ جي حق تي نظر رکي رهيو آهي، جيڪو ننڍن صوبن سان زيادتيءَ جي برابر آهي.










