ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊمپر ٽرڪ ٽرانسپورٽ اونرز ايسوسيئيشن اعلان ڪيو آهي ته اهي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪراچي مان ڪچرو نه کڻندا. ايسوسيئيشن جي صدر لياقت محسود پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته ڊمپر ايسوسيئيشن هن سال ڪراچي شهر مان ڪچرو نه کڻندي. هن چيو ته اسان جون 20 کان 25 گاڏيون شرپسندن ساڙي ڇڏيون آهن ۽ اڃا تائين معاوضو ادا نه ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مون ڪمشنر ڪراچي سميت سڀني لاڳاپيل ادارن کي درخواست لکي آهي. سنڌ حڪومت ۽ مقامي حڪومت ڊمپر ٽرانسپورٽ سان ناانصافي ڪري رهي آهي. ياد رهي ته ڪراچي ۾ ڊمپر ۽ ٽينڪر جي حادثن ۾ ڪيترائي شهري مارجي وڃڻ کان پوءِ، شهر ۾ ڊمپر ۽ ٽينڪر ساڙڻ جا واقعا پيش آيا آهن.










