ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)بينظير ڀٽو شھيد لياري يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر حسين مھدي حج ڪرڻ بعد ڏيھ پھچي ويو،ھن موقعي تي معروف سماجي اڳواڻ ۽ آفيسر ايسوسيئشن جي صدر وقار لغاري ھن حج ڪرڻ ڪرڻ جي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ کيس ٿوري عرصي ۾ لياري يونيورسٽي بلندي ۽ تدريسي معيار ۾ ترقي طرف وٺي وڃڻ تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ۽ وڌيڪ ترقي ڪرڻ جي اميد جو اظھار ڪيو،ان موقعي تي وقار لغاري چيو تھ ڊاڪٽر حسين مھدي جي ڪوششن سان يونيورسٽي جي نئين عمارت تعميري مرحلي ۾ آھي جنھن ۾ ڊي پي ٽي شعبو کوليو ويندو










