ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن اڄ او پي ڊي جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي، ينگ ڊاڪٽرز ايسوسيئيشن جناح اسپتال جي ڊاڪٽر شيوا رام تي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر شيوا رام تي ميڊيڪل جي آءِ سي يو وارڊ ۾ 10 کان 15 ماڻهن حملو ڪيو، نوجوان ڊاڪٽرن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي ايف آءِ آر درج ڪئي وڃي ۽ جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. جيڪڏهن سندن مطالبا پورا نه ٿيا ته هو احتجاج تي ويندا.










