نيٺ سکر ملتان موٽر وي کلي ويو، ضروري سفري صلاحون

نيٺ سکر ملتان موٽر وي کلي ويو، ضروري سفري صلاحون

عادلپور(اسلم آزاد) ايم فائيو موٽر وي مڪمل طور تي کلي ويو آهي، گذريل ڏينهن شام جو عام ماڻهن کي اجازت ڏني وئي ته هو موٽر وي تي سفر ڪري سگهن ٿا. في الحال سکر کان پنڊي ڀٽيان تائين ۽ بعد ۾ لاهور ۽ اسلام آباد تائين ماڻهو موٽر وي تي آساني سان سفر ڪري سگهندا. سروس ايرياز اڃا تيارناهن، جيڪو به سفر ڪرڻ چاهي ته پيٽرول جي ٽئنڪي فل ڪرائي پوءِ هن موٽر وي تي ڊگهي سفر لاءِ روانو ٿئي. سکر کان ملتان ۽ خانيوال کان عبدالحڪيم تائين هي روڊ بند هو. ڪيترا ڀيرا تيار ٿيڻ باوجود افتتاح جي ترخ رکي ملتوي ڪئي وئي. چين جو زور هو ته وزيراعظم افتتاح ڪري پ حڪومت جو زور هو ته حاِ وي منسٽر مراد سعيد ڪري. نيٺ مراد سعيد کٽي ويو. آخري دفعو 5 نومبر تي افتتاح جي نئين تاريخ طئي ٿي ۽ وفاقي حڪومت ڇهون ڀيرو پنڊي ڀٽيان کان سکر تائين تيار ايم فائيو موٽر وي جو افتتاح ملتوي ڪري ڇڏيو. جيڪو اڄ ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو آهي. موٽر وي تان لهڻ بعد ايپروڄ روڊ هاءِ وي سان ملائڻ لاءِ ناهي ٺاهيو ويو. وفاق چوي ٿو اهو صوبائي حڪومت جو ڪم آهي.سنڌ وي ٿي ته پنجاب م جڏهن وفاق صوبائي رستي سان موٽر وي کي ملائي ٿو ڏئي ته سنڌ ۾ ان اصول کي فالو ڇون ٿو ڪيو وڃي؟ گهوٽڪي مان موٽر وي تان لهڻ بعد ڪو پتو نٿو پوي ته ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟ ۽ ڪو لنڪ رودڊ به ٺهيل ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو