راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو.پوليس ذريعن موجب گذريل رات دهشتگردن سٽي پوليس اسٽيشن وانا ۽ باغيچا چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو.پوليس ذريعن موجب چيڪ پوسٽ تي 50 کان وڌيڪ دهشتگردن حملو ڪيو، جنهن دوران فورسز سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ سڪيورٽي اهلڪار زخمي ٿي پيو.پوليس ذريعن موجب پوليس ۽ ايف سي جي جوابي ڪارروائي کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿي ويا، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگرد جو لاش تحويل ۾ ورتو ويو آهي.










