چين پاران جديد اسپيس ڪرافٽ تيار ڪرڻ جي دعويٰ

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين خلائي ٽيڪنالوجي ۾ مهارت جو دعويٰ ڪندي اهڙو خلائي جهاز تيار ڪري ورتو آهي جيڪو خلا ۾ پنهنجو ڪم ڪري واپس زمين تي لينڊ ڪري سگهندو. چين جي سرڪاري خابرو اداري جو چوڻ آهي ته چين جو تيار ڪيل هي اسپيس ڪرافٽ 4 سيپٽمبر تي زمين جي مدار ۾ ٻه ڏينهن رهڻ بعد 6 سيپٽمبر تي واپس زمين تي لينڊنگ ڪئي هئي. سرڪاري طور تي ان جهاز جي ڪا تصوير، خاڪو يا ٻئي ڪا به معلومات شيئر ناهي ڪئي وئي. سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ ذريعن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته هي ايئن آهي جيئن آمريڪا جو  ايڪس 37 بي اسپيس ڪرافٽ آهي.آمريڪا جو هي خلائي جهاز خلا ۾ رهڻ بعد واپس رن وي تي لهي سگهي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته چين جي تيار ڪيل جهاز بابت معلومات نه ملي آهي پر چيني ماهر ان تي ڪافي عرصي کان ڪم ڪري رهيا هئا. ياد رهي ته چين 2019 ۾ چنڊ جي انڌيري واري حصي تي پهتو هو جتي هن هڪ مصنوعي چنڊ نصب ڪيو هو جيڪو هاڻي 450 ميٽر اڳتي هليو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو