چيمبر ڊاهڻ خلاف وڪيلن جو احتجاج

چيمبر ڊاهڻ خلاف وڪيلن جو احتجاج

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظورملڪ)ڀرياسٽي تعلقه بارايسوسيشن جي وڪيلن پاران ڊسٽرڪٽ بارايسوسيشن نوشهرو فيروز جي سڏ تي ڪورٽ ورڪ سسپينڊ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي ايڊوڪيٽ عبدالستار لهراڻي ميمبر سنڌ بارڪائونسل،ضلعي، بار صدر ايڊوڪيٽ عبدالرحيم عباسي، ايڊوڪيٽ اياز مري ، ايڊوڪيٽ عبدالڪريم لهراڻي، ايڊوڪيٽ نثاراحمد ملاح ۽ ٻين وڏي انگ ۾ احتجاج ڪندي چيوته آپباشي کاتي جي انجنيئر مورو ڊويزن طارق احمد ڪهيري ۽ ايس ڊي او آپباشي کاتو ڀريا احمد خان ڪاڪيپوٽو انڪروچمنٽ جي آڙ ۾ رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي غريب ماڻهن جا گھر، دوڪان انڪروچمنٽ جي آڙ ڄاڻائي بليڪ ميل ڪري ڳري رشوت وٺي رهيا آهن جن غريبن رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪيو انهن جا گھر ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن اهي غريب اهڙي دانهن کڻي جڏهن وڪيلن وٽ پهتا ۽ چيو ته انهن جو مسئلو ڪورٽ سڳوري آڏو رکيو وڃي جنهن تان مڇرجي آپباشي کاتي جي ڄاڻايل آفيسرن عدالت سڳوري جي گيٽ آڏو ٺهيل وڪلا برادري جا پنهنجا ذاتي طور تي خريد ڪيل چئمبر جن جا سڀ قانوني طريقي سان روينو کاتي جا ڪاغذ هوندي غيرقانوني طريقي سان ڊاهي پٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هنن وڌيڪ چيو مٿي ڄاڻايل ٻئي آفيسر وڪلا برادري کي بليڪ ميل توڙي هراسمينٽ ان لاءَ ڪري رهيا آهن جئين اسان هنن غريبن جا ڪيس عدالت آڏو پيش نه ڪيون. هنن چيو ته سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز۽ ايس ايس پي نوشهروفيروزجي آفيس پڻ ساڳي لائين ۾ آهي جنهن لائين ۾ اسان وڪيلن جا چئمبر آهن. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ، چيف جسٽس سنڌ هاء ڪورٽ ،سنڌ جي وڏي وزير ۽ آپباشي کاتي جي وزير ۽ سيڪٽري سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽس وٺي لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو