چورن جي فائرنگ ۾ ڀاڳيو زخمي، لاڙڪاڻي منتقل

چورن جي فائرنگ ۾ ڀاڳيو زخمي، لاڙڪاڻي منتقل

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ:غالب بلوچ)نامعلوم چورن پاران ڳوٺ قادربخش بھلڪاڻي ۾ مشتاق احمد بهلڪاڻي جي گهر کاٽ ھڻي چئوپايو مال چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته گهر ڌڻين جي سڄاڳ ٿيڻ چورن ۽ ڀاڳين ۾ جهيڙو ٿي پيو. چورن ڀاڳين مٿان فائرنگ ڪئي ۽ ڀاڳيو مرادعلي بھلڪاڻي کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. زخمي کي ابتدائي طبي امداد بعد لاڙڪاڻي نيو ويو. اطلاع ملڻ شرط بي سيڪشن ۽ تنگواڻي ٿاڻي جي پوليس جاء وردات تي پھتي ۽ چورن جو پويان رواني ٿي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو