چائنيز گوگل به بلاڪ چين سروس شروع ڪري ڇڏي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) هن وقت جڏهن پاڪستان ۾ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي کي صرف ڪرپٽو ڪرنسي جي ٽيڪنالاجي سمجهيو ويندو رهيو آهي. چائينيز جا نالا Xuperchain سوپرچين Baidu گوگل جي نالي سان شهرت رکندڙ سرچ انجن بيدو کان آزمائشي بلاڪ چين سروس شروع ڪري ڇڏي آهي جيڪا في الحال صرف ڪاروباري ۽ تجارتي ادارن لاءِ آهي. اڳتي وڌڻ کان اڳ ان غلط فهمي جو ازالو ضروري آهي ته بلاڪ چين جو ڪم صرف ڪرپٽو ڪرنسي تيار ڪرڻ آهي. ان جي برعڪس وڌيڪ صحي ڳالهه اها آهي ته بلاڪ چين ٽيڪنالاجي(مستقبل جو انٽرنيٽ) کي قرار ڏنو پيو وڃي جنهن ذريعي نه صرف ڊيٽا کي شفاف انداز ۾ انٽرنيٽ تي رکيو ويندو پر اها ڊيٽا هيڪرز کان به محفوظ رهندي. اهڙيون آن لائن سروس جن ۾ سيڪيورٽي بابت معاملا خصوصي اهميت رکندا آهن ان سڀني ۾ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي ريڙهه جي هڏي جو ڪردار ادا ڪري سگهندي. وچ اوڀر جي ڪجهه ملڪن ۾ جائيداد جي رجسٽريشن کان وٺي صحت، عوامي سهولتون هر طرح جي خدمتن کي بلاڪ چين جي مدد سان محفوظ، تيز تريزن ۽ پهرين کان گهڻو موثر بڻايو ويندو جنهن سان توانائي ۽ ڪاغذ به وڏي پيماني تي بچت ٿيندي. آمريڪي جريدي ٽيڪنالاجي ريويو مطابق بلاڪ چين کان فائدو حاصل ڪندڙ ڪيترائي ٻيا منصوبا به هن وقت چيني حڪومت جي سرپرستي ۽ نگراني ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته گذريل سال آڪٽومبر ۾ چيني صدر شي جن پنگ واضح الفاظن ۾ اعلان ڪيو هو ته ان جو ملڪ بلاڪ چين جي ميدان ۾ سڄي دنيا کان اڳتي نڪري ويندو تڏهن کان چين بلاڪ ٽيڪنالاجي ۾ سرمائيڪاري به وڌائي ڇڏي آهي ۽ هن مهل تائين صرف بلاڪ چين جي حوالي سان چين ۾ 500 نوان منصوبا شروع ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو