ڄامشورو (ن س )ڄامشورو جي ٿاڻوبالا خان تحصيل جي يو سي مال ۾ دستن جي وبا پکڙجي وئي. دستن جي وبا سبب 9 ماڻهو فوت ٿي ويا، صحت کاتي جي عملدارن موجب فوت ٿيلن مان 7 جو تعلق ڳوٺ فيض محمد برو سان آهي، جڏهن ته 2 جو تعلق ويجهي ڳوٺ سان آهي.آفيسرن جو چوڻ آهي ته سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل ڳوٺ ۾ صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي، پر ٻين ڳوٺن مان به ڪيس اچي رهيا آهن، ڊي ايڇ او ڄامشورو ڊاڪٽر پير منظور چيو ته صورتحال ڪنٽرول ۾ اچي وئي آهي، اسسٽنٽ ڪمشنر ٿاڻوبالا خان چيو ته علائقي جي رهواسين کي ٽينڪرن ذريعي پاڻي جي فراهمي عارضي بنيادن تي ڪئي وئي آهي، ان لاءِ مستقل حل ڳولڻ جي ضرورت آهي،ان حوالي سان علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ صرف هڪ ڊسپينسري آهي جڏهن ته ويجهي سرڪاري اسپتال پري آهي، جنهن جي ڪري طبي سهولتون مستقل طور تي دستياب نه آهن.










