ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ڀيڻ تي تشدد ڪرڻ تي ناراض ٿيل سالي ڏنڊا هڻي پنهنجي ڀيڻوي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس موجب موجب ڪورنگي سنگر چورنگي ڀرسان جهيڙي کان پوءِ سالي ڏنڊن جا وار ڪري ڀيڻوئي کي قتل جڏهن ته سندس ڀاءُ کي زخمي ڪر يڇڏيو جنهن کان پوءِ پوليس قاتل کي گرفتار ڪري ورتو.شرافي ڳوٺ جي علائقي ڪورنگي سنگر چورنگي رڪشا اسٽينڊ جي ڀرسان جهيڙي دوران ڏنڊن جي وار سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو. مقتول جي لاش ۽ زخمي کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي مارجي ويل جي سڃاڻپ 24 ورهين جي شريف ولد دوست علي ۽ زخمي جي 25 ورهين جي سليم ولد دوست علي جي نالي سان ڪئي وئي آهي.مارجي ويل ۽ زخمي ٻئي سڳا ڀائر آهن. پوليس موجب جوابدار حبيب الله کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن پوليس کي ٻڌايو ته مقتول شريف سندس ڀيڻويو آهي مقتول سندس ڀيڻ کي مارڪٽ جو نشانو بنايو جنهن تي ڪاوڙ ۾ اچي هن ڏنڊن جا وار ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو.










