ڀلوال ۾ 2 ڇوڪريون آپريشن بعد ڇوڪرا بڻجي ويا،والدين ۾ خوشي

ڀلوال(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي سرگوڌا جي تعلقي ڀلوال جي علائقي سلطانپور ۾ محمد اڪرم جون 2 ڌيئر آپريشن بعد پٽ بڻجي ويا. گهر وارن ۽ مائٽن ۾ بيحد خوشي جو اظهار ڪيو آهي. ڊان نيوز جي رپورٽ موجب سندن والده خدا جو شڪر ادا ڪندي چيو ته مونکي 5 ڌيئر هيون ۽ پٽ جو اولاد نه ٿيو. اسين سڀ گهر ڀاتي هر وقت خدا کان پٽ جي اولاد لاءِ دعا گهرندا هئاسين ۽ الله تعاليٰ اهڙو معجزو ڪيو جو هڪ بدران 2 پٽ ٿي ويا آهن. هن ٻڌايو ته ندا ۽ تحريم جيئن ڪجهه وڏا ٿيا ته انهن ۾ جسماني تبديلي جا آثار بدلجڻ لڳا. ڊاڪٽرن کي ڏيکاريو ته هنن چيو ته آپريشن ٿيندو جنهن بعد ٻئي ڇوڪرين مان ڇوڪرا ٿي ويا. ندا جو نالو نديم ۽ تحريم جو نالو طاهر ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو