ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان شازيه مري جو چوڻ آهي ته ڀارت کي غلط فهمي آهي ته پاڪستان خاموش رهندو.ڀارتي رويي خلاف پنهنجي رد عمل ۾ شازيه مري چيو آهي ته ڀارت هميشه خطي ۾ غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي، ڀارت پاڪستان فوبيا جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ ڀارتي حڪومت هوشياري جي کوٽ جو مظاهرو ڪري رهي آهي.شازيه مري چيو آهي ته مودي سرڪار والاريل ڪشمير ۾ 700,000 فوجي مقرر ڪيا آهن. اسان اتي ٿيندڙ واقعي جي سخت مذمت ڪريون ٿا. ڀارت بنا ڪنهن جاچ جي پاڪستان تي الزام لڳايا. اهو لڳي ٿو ته مودي حڪومت الزام لڳائڻ لاءِ تيار هئي.










