ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌو پاڻي معاهدي جي معطلي کليل جارحيت ۽ خطي ۾ امن لاءِ سنگين خطرو آهي.هڪ بيان ۾، هن چيو ته ڀارت جو سنڌو پاڻي معاهدي کي معطل ڪرڻ جو قدم اشتعال انگيز، غير ذميوار ۽ بين الاقوامي قانون جي سنگين خلاف ورزي آهي. شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته معاهدي جي معطلي خطي ۾ امن جي ڪوششن کي سبوتاژ ڪرڻ جي هڪ سوچيل سمجهيل ڪوشش آهي. ڀارت اڳ ۾ حقيقي ظلمن ۽ ناانصافين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ جعلي فليگ آپريشن جو سهارو وٺي چڪو آهي.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هزارين شهرين ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جون جانيون قربان ڪيون آهن ۽ پاڪستان ڪڏهن به هن اشتعال انگيز ڪارروائي کي برداشت نه ڪندو.شرجيل انعام ميمڻ اهو به چيو ته عالمي طاقتن، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي هن سنگين خلاف ورزي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.










