ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ رد عمل ڏيندي چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي. اسان ڪڏهن به جنگ جي خواهش ناهي ڪئي پر اها جنگ اسان تي مڙهي وئي پهلگام واقعي کان پوءِ پاڪستان اڻڌري ۽ منصفاڻي جاچ جي آڇ ڪئي پر ڀارت جنگي جنون ۾ مبتلا ٿي جارحيت جو رستو اختيار ڪيو. هن چيو ته ڀارت فوج حملو ڪري عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي، خطي جي امن کي به داءُ تي لڳايو. پاڪستان جي بهادر فوج دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو اڄ سموري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند آهي. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان خصوصي وڊيو پيغام ۾ چيو ته بزدل دشمن ڀارت ماضي جيان هڪ دفعو ٻيهر رات جي اونداهي ۾ بزدلاڻو حملو ڪيو آهي. مسجدن ۽ سويلين آبادي کي ڀارت نشانو بنايو ڀارت کي سبق سيکارڻ ضروري آهي. هن چيو ته ڀارت جي ڪارروائي جو پاڪ فوج ذميوارانه ۽ ڀرپور جواب ڏنو آهي جماعت اسلامي حڪومت کي ملڪي دفاع ۾ ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو آهي. پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان ڀارت طرفان پاڪستان جي ميزائل فائر ڪرڻ تي سخت رد عمل ڏيندي چيو آهي ته ڀارت جو ميزائل حملو کليل جارحيت آهي. مودي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اختتام هاڻ پاڻ ڪندو. مظفر آباد، ڪوٽلي ۽ بهاوالپور تي حملا معافي جوڳا ڏوهه نه آهن. شيري رحمان چيو ته ڀارت ميزائل فائر ڪري پنهنجي ناپاڪ نيت کي بي نقاب ڪري ڇڏيو پاڪستان هاڻ خاموش نه ويهندو. ڀارت امن جي آڇ کي ڪمزوري نه سمجهي.ڀارت جي سينئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي بهادر فوج کي سلام پيش ڪري ٿي جنهن جارحيت جو فوري ۽ فيصله ڪن جواب ڏنو. ڀارت جا بزدلاڻا حملا جنهن معصوم شهرين، مسجدن ۽ نيلم جهلم جهيڙي اهم آبي منصوبن کي نشانو بنايو انهي جي رد عمل ۾ اسان جي پاڪ فوج بي مثال طاقت ۽ بهادري سان ڪارروائي ڪئي.










