ڀارتي وزيراعظم جو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني فضائي حدن مان سفر

ڀارتي وزيراعظم جو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني فضائي حدن مان سفر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي نئين دهلي کان فرانس ويندي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي فضائي هدن ۾ سفر ڪيو ۽ اڳ جيان هن ڀيري به پاڪستان حڪومت يا عوام لاءِ ڪو خير سگالي پيغام نه ڇڏيو. ايوي ايشن ذريعن موجب نريندر مودي خاص جهاز ۾ نئين دهلي کان پيرس وڃي رهيو هو، مودي جو خاص جهاز ”انڊيا ون“ لاهور ڀرسان پاڪستاني فضائي حدن ۾ داخل ٿيو. ڀارتي وزيراعظم شيخوپورا، حافظ آباد، منڊي بهاوالدين، چڪوال ۽ ڪوهاٽ تي 34 هزار فوٽ جي اوچائي تان لڳ ڀڳ 41 منٽ سفر ڪيو. ڀارتي ايئر فورس جو بوئنگ 777 جهاز پارا چنار کان افغان فضائي حدن ۾ داخل ٿيو، افغانستان جون فضائي حدون بند آهن پر ڀارتي وزيراعظم کي ان سلسلي ۾ خاص اجازت ڏني ويندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو