ٿرديپ خلاف ڪاڇي مختلف ڳوٺن جي متاثرن جو احتجاج

ٿرديپ خلاف ڪاڇي مختلف ڳوٺن جي متاثرن جو احتجاج

جوهي (رپورٽ منصور گاڏهي)ڪاڇي جي ڳوٺاڻن جو ٿرديپ رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي انتظاميا خلاف  معصوم ٻارڙن سميت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. يوسي ساوڙو جي ڳوٺ غلام رسول رودناڻي, فريد رودناڻي جي رهواسين سڪندر رودناڻي ابرهيم رودناڻي منظور رودناڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ٿرديپ انتظاميا جي زيادتين ۽ من پسند ماڻهن کي نوازڻ خلاف احتجاج ڪندي  الزام هنيو آهي ته  نو مهينا پهرين ڪاڇي ۾ نئين گاج جي پاڻي جي وهڪري  سبب ٻوڏ دوران گهر ڊهي پٽ ٿي ويا کلي آسمان ڇپرن تي زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون ٻوڏ دوران  چوپايو مال اناج لڙهي وڃڻ جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي ڪنهن به سار نه لڌي  حڪومت ته پري جي ڳالھ سماجي تنظيم ٿرديپ رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن به ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن ۾ کاڌي پيتي جي سامان  سميت گهر ٺاهي ڏيڻ واري پراجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي سروي دوران مستحق ڳوٺاڻن کي نظر انداز ڪري  رشوت عيوض من پسند ماڻهن کي گهر ۽ ٻيو سامان ڏنو پيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو آهي ته ڪيترائي ڀيرا ڪاڇي مان  جوهي ڪرايو ڪري  ٿرديپ آفيس  جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون ڪوڙن آسرن ۾ رکي اسان مسڪينن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي هنن ڊي سي دادو, اعلي اختيارين ۽ وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته سماجي تنظيم ٿرديپ ضلع دادو جي انتظاميا خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان مسڪين ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو