اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز (پي ايم ايل-اين) جي وچ ۾ ورڪنگ رليشن شپ کي بهتر بڻائڻ ۽ مشاورتي عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي پارٽين جا مرڪزي اڳواڻ به ملاقات ۾ موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي بحث ڪيو ويو.ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ اهم قومي ۽ اندروني سيڪيورٽي معاملن ۽ آزاد ڪشمير جي نئين صدر جي چونڊ تي بحث ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ غزه امن بورڊ ۽ پاڪستان جي نقطه نظر تي پڻ بحث ڪيو ويو.










