پ پ پاران  سمورن عورتن کي خراج تحسين پيش

پ پ پاران سمورن عورتن کي خراج تحسين پيش

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ايم پي اي سعديه جاويد عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي پاران سڀني عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عورتن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، انهن کي حق ڏيڻ لاءِ وڙهيو آهي. عورتن کي حق ڏيڻ جي جنگ جو سفر جمهوريت جي ماءُ بيگم نصرت ڀٽو شروع ڪيو هو. سعديه جاويد چيو ته پيپلز پارٽي عورتن کي حق فراهم ڪندي رهي ۽ شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي جان قربان ڪري اهو ڪم جاري رکيو. اڄ به پيپلز پارٽي جي قيادت عورتن جي حقن لاءِ وڙهي رهي آهي.سنڌ حڪومت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته فريال ٽالپر ۽ آصفه ڀٽو زرداري ميدان ۾ موجود آهن، عورتون ڪنهن به سماج جو آئينو ۽ عڪس هونديون آهن، اڄ اسان سڀني کي گڏجي عهد ڪرڻ گهرجي ته اسان پنهنجي ايندڙ نسل جي تربيت اهڙي طرح ڪنداسين جو اهي هڪ مثال هجن.

پهنجو تبصرو موڪليو