ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ مورو باءِ پاس تي قومپرست تنظيم پاران تڪراري ڪئنالن خلاف ڌرڻي واري سڏ تي مختلف شھرن مان ايندڙ ڪارڪنن کي روڪڻ دوران پوليس پاران ڪارڪنن مٿان لٺبازي ۽50 کان وڌيڪ ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌ پوليس ڌاڙيلن، اسٽريٽ ڪرائيم توڙي اغوا انڊسٽري ۾ ملوث ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران سنڌ حڪومت جي ڪمداري ڪندي مخالف جماعتن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل، گرفتارين ۽ پُرامن احتجاج ڪندڙن مٿان تشدد ذريعي ضياءَ دور جي آمريت کي به لڄائي ڇڏيو آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين حڪومتي پارٽي کان سواءِ سموريس سنڌ جو عوام سنڌوءَ مٿان نوان تڪراري ڪئنال اڏڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، پر حڪمران ٽولي سنڌ دشمن وفاقي حڪومت خلاف احتجاج ڪرڻ بدران هٿين خالي ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس ۽ پوليس گردي ڪري سنڌ دشمني جو چٽو ثبوت ڏنو آهي. هن اڄ بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڳڻپ شماري ۾ غلط انگ اکر قبول ڪرڻ، ناڻي ورڇ ۾ ٿيندڙ ناانصافين، پاڻي واري معاملي ۾ سنڌ جي حق تي ڌاڙو، معدني وسيلن جي ڦُرلُٽ تي خاموشي، توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جون لکين ايڪڙ زرعي زمينون ڪمپني سرڪار کي ڏيڻ وارن معاملن ۾ به پيپلز پارٽي عوام جي اجتماعي مرضي ۽ مطالبن جي ابتڙ فيصلا ڪري مالڪن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت مڪمل طور تي سنڌ جي عوام جي خواهشن ۽ امنگن جي ابتڙ سنڌ دشمن فيصلن ۾ ملوث رهي آهي، هاڻي جڏهن سنڌ جون سياسي، قوپرست، مذهبي، سول سوسائٽي جون تنظيمون ۽ وڪلا برداري سنڌ دشمن فيصلن خلاف روڊن تي پنهنجو آئيني ۽ جمهوري حق استعمال ڪندي پُرامن جدوجهد ڪري رهيون آهن ته صوبائي حڪومت پنهنجي مالڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ کي پوليس اسٽيٽ ۾ تبديل ڪري پوليس گردي ذريعي ڪئنالن خلاف جدوجهد کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. جيڪڏهن ارسا پاران نگران حڪومت ۾ هڪ سال اڳ غير قانوني تڪراري ڪئنالن لاءِ پنجاب کي پاڻي جي موجودگي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ڇڏيو هو، پر ارسا کي مرڪز حوالي ڪرڻ وارو سنڌ دشمن فيصلو ڪنهن ڪيو اها ڳالهه ڪنهن کان به لڪل نه آهي. وفاقي حڪومت جي سمورين ناجائزين تي پ پ جي خاموشي کي رضامندي نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي؟ انڪري سنڌ جي 06 ڪروڙ عوام جو پُرزور مطالبو آهي ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ جي مفادن جي حوالي سان ڪن لاٽار ڪرڻ وارو رويو ڇڏي واضح ۽ چٽو موقف اختيار ڪري ٻي صورت ۾ سنڌ جو عوام پنهنجي وسيلن ۽ پاڻيءَ جي حفاظت لاءِ کيس اقتداري ايوانن مان نيڪالي ڏئي ساهه پٽيندو. صوبائي امير في الفور گرفتار ڪارڪنن کي آزاد، ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي










