پ پ جو دور ويو، هاڻ سنڌ جا اصل وارث تخت تي ويهندا: جونيئر

پ پ جو دور ويو، هاڻ سنڌ جا اصل وارث تخت تي ويهندا: جونيئر

نوشهرو فيروز (ن س ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چي آهي ته هاڻ پ پ جو دور ختم ٿي ويو، سنڌ جو اصل وارث سنڌ جو عوام آهي ۽ هاڻ تخت تي عوام ويهندو.اهڙن خيالن جو اظهار هن نوشھري فيروز لڳ مورو – دادو پل تي تڪراري ڪينالن خلاف پ پ شهيد ڀٽو جي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو.هن چيو ته سنڌو درياهه تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. پ پ شهيد ڀٽو جي جلسي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، قوم پرست ڪارڪنن ۽ عام شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڌرڻو به هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو