پ ٽ الف پاران ڪرپشن خلاف احتجاج

پ ٽ الف پاران ڪرپشن خلاف احتجاج

دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)  پ ٽ الف تعلقه دادو پاران تعليم کاتي ۾ ڪرپشن ۽ پ ٽ الف تعلقه صدر خلاف ڪيس داخل ٿيڻ خلاف دادو پريس ڪلب آڏو ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي ان موقعي تي هنن چيو ته  سيڪنڊري تعليم  جي آفيسر بنا جواز ڪوڙا الزام هڻي پ ٽ الف تعلقه صدر مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي،هنن چيو ته پ ٽ الف ضلع دادو پاران ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ۽ ڪرپشن خلاف جلد  ضلعي اندر تحريڪ شروع ڪئي ويندي، هنن سيڪريٽري تعليم کان مطالبو ڪيو ته دادو سيڪنڊري آفيسر  کي فوري طور هٽائي داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي،ٻئي طرف  سيڪنڊري آفيسر ٻڌايو ته پ ٽ الف تعلقه صدر گارگند ڪري سخت تشدد ڪيو آهي هو هر روز غلط ڪمن لاءِ تنگ ڪندو آهي نه ڪرڻ جي صورت ۾ داٻا ۽ تشدد ڪري ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو