پپري پمپنگ اسٽيشن تي بجلي بحال، پاڻي فراهمي شروع

پپري پمپنگ اسٽيشن تي بجلي بحال، پاڻي فراهمي شروع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پپري پمپنگ اسٽيشن تي بجلي بحال ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي ٻيهر شروع ٿي وئي.واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب، پپري پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو بريڪ ڊائون 3:35 تي ٿيو، جنهن کان پوءِ اڄ صبح 8:20 تي بجلي بحال ڪئي وئي.ترجمان موجب، بجلي جي بريڪ ڊائون سبب شهر کي 43 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو.بجلي جي بندش سبب لانڍي، ڪورنگي، شاهه فيصل، بن قاسم ۽ ڊي ايڇ اي علائقا متاثر ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو