پي ڊي ايم پ پ کي ڪڍيو ته ان جي حيثيت  نه رهندي،چانڊيو

پي ڊي ايم پ پ کي ڪڍيو ته ان جي حيثيت نه رهندي،چانڊيو

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) سينيٽر مولابخش چانڊيو جون سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ۾ تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهيون ان موقعي تي پي وي سي دادو ڪئمپس پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه ۽ سپاف اڳواڻ منصور شاهاڻي ساڻس گڏ هئا سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو ته پي ڊي ايم اتحاد آهي پارٽي ناهي، پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ پي ڊي ايم کي نه ڇڏيندي پي ڊي ايم مان پيپلز پارٽي کي جيڪڏهن ڪڍيو ويو ته پي ڊي ايم جي ڪا به حيثيت نه رهندي پيپلز پارٽي پي ڊي ايم اتحاد ٺاهيو ان کي اسان ڪئين ٽوڙينداسين مقصد حاصل ٿيڻ تائين پي ڊي ايم قائم رهندو جيڪي پاڻ والد جي سياست ڪري رهيا آهن اهي اسان تي ڪنهن جي والد جا ووٽ وٺڻ جو بنا ثبوت الزام پيا هڻن دنيا ڄاڻي ٿي ڪير سوديبازي ڪري ڪٿي ويو آهي، شاهد خاقان جي الزام جو جواب نه ڏيندس پيپلز پارٽي ڪنهن کان معافي ڇو وٺي اوهان جيڪو ڪجهه ڪيو اوهان ڪنهن ڪنهن کان معافي وٺڻ ڏئو اسان جي احتساب ڪرڻ وارن کي چوندس اوهان پنهنجن جو پهريان احتساب ڪيو ن ليگ جي ڪيترن سينيٽرن سينٽ چيئرمين جي اليڪشن ۾ ووٽ نه ڏنو جن جا ميڊيا ۾ نالا آيا ڌارين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ جو مان ۽ پيپلز پارٽي مخالف آهي ان جي جاچ ٿيڻ کپي، بلاول ڀٽو ان عمل کي برداشت نه ڪندو مولابخش چانڊيو وزير اعظم کي بي اعتمادي رٿ ذريعي هٽائڻ واري سوال کي گول ڪري ويو منهنجي ليڊر ڳالهه ضرور ڪئي آهي پر آسا پاسا ڏسبا هر گز اسيمبلين مان استعيفي’ نه ڏينداسين ڪٿي لکيل آهي ته لازمي استعيفي’ ڏينداسين پيپلز پارٽي پارلياماني سياست ۾ يقين رکي ٿي اتان جنگيون لڙيون ۽ ڪامياب ٿيا آهيون لانگ مارچ سان حڪومت تي دٻاء پوي ها هڪ طرفو فيصلو ڪري لانگ مارچ منسوخ ڇو ڪئي وئي 430 بسترن واري ڊي ايڇ ڪيو اسپتال کي سياسي اختلاف وساري عوامي مفاد ۾ جلد مڪمل ڪرايو وڃي پي ٽي آء سنڌ جي ترقي روڪي پئي، سنڌ جي حصي جا فنڊ جاري ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آهي دادو ضلعي کي پيپلز پارٽي نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي، سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جي تعمير مڪمل ڪرائڻ لاء پارٽي چيئرمين آڏو مطالبو رکندس: .

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو