راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پي ڊي ايم پارٽيون عمران خان کي اسيمبلي گهرائي معاشي تباهي ۾ ڀائيوار ڪرڻ چاهيون ٿيون. ڪيئر ٽيڪر تي سوچ ويچار شروع ٿي ويو آهي. ٻيڙي ٻڏي رهي هجي ته اسٽيبلشمينٽ خاموش نٿي رهي سگهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ اڳوڻي گهرو وزير چيو ته 13 پارٽيون عمران خان کي زبردستي ڌمڪيون ڏئي اسيمبلي گهرائي معاشي تباهي ۾ ڀائيوار ڪرڻ چاهين ٿيون. اوڀر ۽ اولهه وارين سرحدن تي حالتون خراب ٿي رهيون آهن. ٻيڙي ٻڏي رهي هجي ته اسٽيبلشمينٽ خاموش نٿي رهي سگهي. هن چيو ته هي هاڻ پرڏيهي سازش ذريعي اسان مٿان فيصلا مڙهڻ چاهين ٿا. ڪيئر ٽيڪر جي سوچ شروع ٿي وئي آهي. سنگين معاشي حالتون قومي سلامتي لاءِ مسئلو بڻجي ويون آهن. ڊالر 260 ۽ 150 روپيه ڪلو اٽو ملي رهيو آهي غريب ويچارو ڪيڏانهن وڃي.شيخ رشيد چيو ته 22 ڪروڙ جو ملڪ هلائڻ لاءِ ناڻي کاتي ۾ 20 ڏينهن جا به پئسا ناهن بچيا جنهن ملڪ ۾ ٽريول ايڊوائزري جاري ٿي وڃي اتي سرمائيڪاري نٿي ٿي سگهي. بينظير ڀٽو جي ورسي تي بلاول جي تقرير عمران خان کان شروع ۽ عمران خان تي ختم ٿي.










