اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ اجلاس کان اڳ ۽ پوءِ پارليامينٽ ٻاهران نواز ليگ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ، ڪاري قميض پاتل پي ٽي آءِ ڪارڪن مريم اورنگزيب کي لَتَ، مصدق ملڪ کي چماٽ ۽ احسن اقبال کي جوتو ۽ شاهد خاقان عباسي سان بدتميزي ڪئي، قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ئي پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڇڪتاڻ واري صورتحال ٿي، نواز ليگ اڳواڻن جي ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن جا نعرا، پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ نواز ليگ اڳواڻ مصدق ملڪ طرفان هڪٻئي کي ڌڪا ڏنا ويا، هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيل پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي وزيراعظم جي حمايت ۽ اپوزيشن جي مخالفت ۾ نعريبازي، پي ڇڪتاڻ دوران احسن اقبال کي جوتو هنيو ويو، جيڪا وڊيو وائرل ٿي وئي، ٽي آءِ ڪارڪنن ليگي اڳواڻن کي ميڊيا سان ڳالهائڻ نه ڏنو، نواز ليگ اڳواڻن طرفان به گو نيازي گو جي نعريبازي ڪئي وئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ مريم اورنگزيب ۽ ٻين چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ غيرآئيني آهي، اڄ پاڪستان جو عوام تماشو ڏسي رهيو آهي، نيازي سرڪاري جي غنڊاگردي سان منهن ڏينداسين، هاڻي جيڪو ايندو اهو ايمبولينس ۾ ويندو.










