ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ڪي حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ جو سلام سنڌ ٽرين مارچ ڪراچي کان روانو ٿي ويو.سنڌ تحريڪ انصاف جي ترجمان موجب، ٽرين مارچ شام جو ڏھرڪي پهچندو. سلام سنڌ ٽرين مارچ جو صوبي جي 30 شهرن ۾ ريلوي اسٽيشنن تي استقبال ڪيو ويندو. سلام سنڌ ٽرين مارچ ۾ وڪيل، پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ عورتون شامل آهن. پي ٽي آءِ سنڌ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٽرين مارچ گهوٽڪي پهچڻ تي هڪ عوامي جلسو ڪيو ويندو.










