ٽنڊو محمد خان( مظفر علي بروهي)ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ يونيورسٽي پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو .مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن ممتاز علي شاھ ، محمد جميل کتري ۽ ٻين چيو ته اسان 2009 ۾ سنڌ يونيورسٽي پاران ورتل پي ايس ٽي جي ٽيسٽ حڪومتي شرط 60 سيڪڙو کان به وڌيڪ مارڪون کڻي پاس ڪئي پر اسان کي سيٽون گهٽ هجڻ جو جواز ڄاڻائي ويٽنگ لسٽ تي رکيو ويو ، اسان مسلسل 11 سالن کان احتجاج ڪري رهيا آهيون ، هن مهل جڏهن نئين ڀرتين جو اعلان ڪيو ويو آهي ته اسان جو مطالبو اهو ئي آهي ته پهرين اسان رهيل اميدوارن کي آرڊر ڏيئي انصاف ڪيو وڃي ، اسان چيئرمين پ پ بلاول ڀٽو زرداري ، وزيراعلى سنڌ سيد مراد علي شاھ ۽ وزير تعليم سعيد غني کي گذارش ٿا ڪريون ته اسان سان انصاف ڪري بيروزگاري کان بچايو وڃي .










