پي آءِ اي اڏام بحالي بابت  آڊٽ لاءِ برطانوي وفد پاڪستان پهچي ويو

پي آءِ اي اڏام بحالي بابت آڊٽ لاءِ برطانوي وفد پاڪستان پهچي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)برطانيه لاءِ پاڪستاني ايئر لائنز جون اڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ جي معاملي تي اڳڀرائي ٿي آهي. برطانوي ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ جي 7 رڪني ٽيم پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) جي آڊٽ لاءِ ڪراچي پهچي وئي آهي. ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ ۽ برطانيه جي سول ايوي ايشن اٿارٽي جو هڪ وفد پاڪستاني سول ايوي ايشن اٿارٽي جي سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان پهچي ويو آهي.هي دورو قومي ايئر لائن پي آءِ اي پاران پاڪستان ۽ برطانيه جي وچ ۾ فلائيٽ آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ جي طرف ايندڙ قدم آهي. برطانوي وفد جي ميزباني سي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل نادر شفيع ڊار ۽ سندس ماهرن جي ٽيم ڪئي.برطانوي وفد جي دوري دوران، هوائي جهازن جي حفاظت جي پروٽوڪول، دستاويزن ۽ آپريشنل طريقيڪار جو جائزو ورتو ويندو. برطانوي وفد بين الاقوامي معيارن جي تعميل جو جائزو وٺڻ لاءِ ايئر لائنز جو دورو ڪرڻ جو به پروگرام آهي.گذريل ڪجهه مهينن کان، سي اي اي جا عملدار برطانوي عملدارن سان ٽيڪنيڪل ملاقاتن جي هڪ سلسلي ۾ مصروف آهن. سي اي اي جا عملدار چون ٿا ته اهي برطانوي ماهرن جي دوري جي مثبت نتيجن بابت پراميد آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو