پوليس ڪاروائي ٽي منشيات  فروش گرفتار ٽي مڻ چرس هٿ

پوليس ڪاروائي ٽي منشيات فروش گرفتار ٽي مڻ چرس هٿ

ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي )ملير ۾ شاھ لطيف پوليس منشيات جي وڏي سپلائي ناڪام بڻائيندي 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو جوابدارن جي قبضي مان 120 ڪلو فائن ڪوالٽي جو چرس ۽ موبائيل فون هٿ ڪري ورتا، گرفتار جوابدارن جو تعلق بلوچستان جي شهر پشين سان آهي جيڪي ٻين صوبن مان منشيات کڻي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ منشيات فروشن کي وڪرو ڪندا آهن ايس پي ملير سينگار ملڪ ۽ ايس ايڇ او شاهه لطيف محمد علي شاهه ، تفصيل موجب ملير هڪ طرف منشيات جو وڪرو زور وٺندو پيو وڃي ته ٻي پاسي شاهه لطيف پوليس ڪارروائين جو به سلسلو جاري آهي ڳجهي اطلاع تي قومي شاهراهه ڀرسان شاهه لطيف پوليس ڪارروائي ڪندي منشيات جي سپلائي ناڪام بڻائي ڇڏي سپلائي ۾ ملوث 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 120 ڪلو فائن ڪوالٽي جو چرس ۽ موبائيل فون هٿ ڪري ورتيون ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس پي ملير سينگار ملڪ ايس ايڇ او شاهه لطيف محمد علي شاهه ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن جو تعلق بلوچستان جي شهر پشين سان آهي جيڪي ٻين صوبن مان منشيات کڻي ڪراچي جي مختلف منشيات فروش کي وڪرو ڪندا آهن ڳجهي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪري منشيات سپلائي جي ڪڌي عمل کي روڪي ورتو آهي گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ نظر محمد شيرﷲ ۽ نجيب ﷲ طور ٿي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي ان موقعي ايڊيشنل ايس ايڇ او شاهه لطيف سب انسپيڪٽر محبوب کوسو وڏو منشي احسان ﷲ مروت ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو