پوليس چورن کان مينهن ڇڏائي ورتي، مقابلي ۾ ڦورو گرفتار

پوليس چورن کان مينهن ڇڏائي ورتي، مقابلي ۾ ڦورو گرفتار

عادلپور (رپورٽ اسلم مھر )ڳوٺ شيرومھر مان  رات دير سان نامعلوم چورن پاران ڳوٺاڻي عبدالرحمان مھر جي گهر کي کاٽ ھڻي  ڀلوڙ مينهن  چوري ڪري وڃي رھيا ھئا ته چاڏڪي وٽ معمول موجب گشت تي موجود سوسائٽي چاڏڪي پوليس جي اھلڪارن سان سندن مقابلو ٿي پيو ان موقعي تي چورن ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد  چورن کان مينهن ڇڏائي ورتي جڏھن ته چور اونداھي جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جڏھن ته ھٿ ڪيل مينھن مالڪ حوالي ڪئي وئي. ٻئي پاسي گھوٽڪي پوليس جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته ايس ايڇ او عادلپور معمول موجب گشت ڪري رھيو ھو ته سوسائٽي چاڏڪي لنڪ روڊ تي ڏوھ جي ارادي سان  بيٺل  جوابدارن جو پوليس سان مقابلو ٿي پيو ان موقعي تي پوليس هڪ ڏوهاري سڌير عرف پپو سندراڻي کي زخمي حالت ۾ ھٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو

Photo Sindhyar

جڏھن ته سندس ساٿي اونداھي جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا گرفتار ملزم پوليس کي ڌاڙا.موٽر سائيڪل چوري سميت ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي،زخمي جوابدار کي پوليس علاج لاء  گهوٽڪي جي سول اسپتال منتقل ڪيو آهي. زخمي جوابدار مٿان عادلپور ٿاڻي تي بغيرلائسنس ھٿيار رکڻ ۽ پوليس مقابلي جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو