ٺل(ن سنڌيار)سکر پوليس پاران سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد عرفان جتوئي کي ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.سکر پوليس خلاف سخت نعريبازي،آئي جي سنڌ کان معاملي جو نوٽيس وٺي ايس ايس پي خلاف ڪاروائي جي گهرڪئي وئي. ٺل پريس ڪلب اڳيان شاگرد عرفان جتوئي جي مبينه ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل ڪرڻ خلاف بشير سرڪي آڪاش ٻرڙو, عبدالمالڪ سرڪي منصور ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو روڊ بلاڪ ڪري نعريبازي ڪئي وئي احتجاج ڪندڙن چيو ته سکر جي ايس ايس پي پاران بلاجواز شاگردن کي گرفتار ڪري ڪوڙي پوليس ۾ قتل ڪيو آهي جيڪا شاگرد ۽ ان جي وارثن سان وڏي ناانصافي آهي هنن چيو ته پوليس کي ڪنهن اختيار ڏنو آهي ته هو شاگردن کي گرفتار ڪري پئسا گهري نه ڏيڻ تي قتل ڪري ڇڏي هنن آء جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته مامري جي جانچ ڪرائي ملوث پوليس اهلڪارن ۽ ايس ايس پي خلاف نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.










