اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته اڄ پورو هڪ سال ٿي ويو آهي ته پي ٽي آءِ کي سرٽيفڪيٽ نه مليو آهي.اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جو فيصلو به روڪيو آهي.بئريسٽر گوهر چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي، ۽ اسان کي مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ جو حق آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي ڪيس اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، اڄ اليڪشن ڪميشن ڪيس کي 8 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏيو،بئريسٽر گوهر اهو به چيو آهي ته اسان کان پوءِ جن پارٽين انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرايون، انهن کي سرٽيفڪيٽ مليا ۽ سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن تي اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو.










