پنجاب ، فوجداري قانونن ۾ تبديلي جو فيصلو

پنجاب ، فوجداري قانونن ۾ تبديلي جو فيصلو

لاهور)ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت صوبي ۾ فوجداري قانونن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.پنجاب جي گهرو کاتي جي ترجمان موجب فوجداري قانونن ۾ تبديلي لاءِ قانوني سڌارا ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جي سربراهي ڊي آءِ جي ڪامران عادل ڪندو، جڏهن ته ڪميٽي قانونن کي جديد ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ 3 مهينن اندر پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. ترجمان موجب ڪميٽي ڪرمنل ڪوڊ 1898، پاڪستان پينل ڪوڊ 1860، ايويڊينس ايڪٽ آرڊر 1984 ۾ ترميمن جو مسودو تيار ڪندي، جڏهن ته ڪميٽي قومي سلامتي قانون جو مسودو به تيار ڪندي. پنجاب جي گهرو کاتي موجب ڏوهن جي روڪٿام، قانون تي موثر عملدرآمد ۽ امن امان جي بحالي بابت قانوني سڌارا آندا ويندا، جڏهن ته پنجاب ۾ خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن جي تحفظ بابت قانونن ۾ ترميم جي تجويز ڏني ويندي.سڌارا ڪميٽي دهشتگردي جي خاتمي، سائبر ڪرائم، سائبر سيڪيورٽي، ۽ بين الصوبائي ڪوآرڊينيشن سان لاڳاپيل قانونن ۾ ترميمون تجويز ڪندي. ڪميٽي جديد سائنسي طريقن، قانونن ۽ سماجي گهرجن سان مطابقت رکندڙ ترميمون تجويز ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو