ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ طوفاني برسات جي بتيجي ۾ ٿيل جاني، مالي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري برسات دوران حادثن ۾ پنهنجن ويجهن مائٽن کي وڃائيندڙ خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته منهنجون همدرديون انهن شهرين سان گڏ آهن جن جي گهرن ۽ ملڪيت کي نقصان پهتو آهي.هن چيو ته برسات متاثر علائقن ۾ بنا دير امدادي سرگرمين لاءِ موجود وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن، برسات سبب شهرين کي پهچندڙ نقصان جي لاءِ ازالي لاءِ گڏيل منصوبا بندي ڪرڻي پوندي.بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته برسات سٽيل علائقن ۾ بجلي جي فوري طور تي بحالي ۽ هيٺاهين علائقن ۾ بنا ڪنهن دير پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِٰ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثر هيٺ غير امڪاني موسمن جو شڪار آهي. سمورن جيالن کي اپيل آهي ته اهي اڳيان اچن ۽ امدادي سرگرمين ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.










