پنجاب جي سياحتي خوبصورتي کي دنيا آڏو آڻينداسين: مريم نواز

پنجاب جي سياحتي خوبصورتي کي دنيا آڏو آڻينداسين: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته هوءَ پنجاب جي خوبصورت سياحتي هنڌن کي دنيا آڏو آڻيندي. عالمي سياحت جي بحالي واري ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ مريم نواز چيو ته صوبي جي مختلف علائقن ۾ سياحت جي بيشمار صلاحيتون لڪيل آهن، پنجاب ريگستانن، جبلن جي قطارن، ڍنڍن ۽ دريائن جي سرزمين آهي.هن چيو ته پنجاب ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڊگهي مدي وارا قدم کنيا پيا وڃن، هن وڌيڪ چيو ته سياحت معيشت، مقامي ثقافت ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو