لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي 43 جيلن کي شمسي توانائي تي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پنجاب جي گهرو کاتي حتمي منصوبو پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز کي منظوري لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي.پنجاب جي گهرو کاتي جي ترجمان چيو ته سڀني جيلن جو شروعاتي سروي مڪمل ڪيو ويو آهي، سروي دوران جيلن کي شمسي توانائي تي تبديل ڪرڻ جي قيمت جو اندازو پڻ لڳايو ويو.ترجمان وڌيڪ چيو ته پنجاب جي 43 جيلن ۾ بجلي ۽ گئس جو ساليانو بل 4.5 ارب تائين پهچي ويو آهي، ۽ سڀني جيلن کي 4.35 ارب جي لاڳت سان شمسي توانائي تي تبديل ڪري سگهجي ٿو.ترجمان موجب، تجويز ڪيل گرين انرجي حل جي مرحليوار عملدرآمد سان بجلي جي بلن ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي ايندي. هلندڙ مالي سال دوران منصوبي لاءِ 2 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.










