پرويز الاهي، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي جون رٿون جمع

پرويز الاهي، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي جون رٿون جمع

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي پارٽين مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي، اسپيڪر پنجاب اسيمبلي سبطين خان ۽ ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي.مسلم ليگ ن طرفان ميان مرغوب، خليل طاهر سندو، خواجا عمران نذير بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو پارلياماني ليڊر حسن مرتضيٰ به ن ليگ ميمبرن سان گڏ هو.پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن ٽن ميمبرن خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي. پنجاب اسيمبلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي پارلياماني ليڊر حسن مرتضيٰ چيو ته اسان وڏي وزير، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. هن چيو ته اسان پارليامينٽ کي بچائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهيون، پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ اسان وٽ پورا انگ آهن، حڪومت کي 186 نمبر ڏيکارڻا پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو