پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي، ڪارروايون، 657 مارڪيٽن جو معائنو

پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي، ڪارروايون، 657 مارڪيٽن جو معائنو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوري سنڌ ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي کان بعد، سنڌ ماحولياتي تحفظ واري اداري (سيپا) جون ڪارروايون تيزي سان جاري آهن. هاڻي تائين، صوبي جي مختلف ڊويزنن ۾ واقع 657 مارڪيٽن، هول سيل سينٽرن ۽ شاپنگ مالز جو معائنو ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڪراچي ۾ 219، سکر ۾ 96، شهيد بينظير آباد ۾ 93، حيدرآباد ۾ 165، ميرپورخاص ۾ 63 ۽ لاڙڪاڻي ۾ 21 شامل آهن. ماحوليات کاتي جي ترجمان مراد وحيد چيو ته دورن دوران، جتي خلاف ورزين جي رپورٽ ٿي، فوري طور تي نوٽيس ۽ وارننگ جاري ڪئي وئي، جڏهن ته اڪثريت طرفان قانون تي عمل درآمد کي خوش آئند حد تائين ڏٺو ويو. وڏن شاپنگ مالز، چين اسٽورن ۽ پرچون فروشن تيزي سان ڪپڙي جي ٿيلهين جو استعمال اختيار ڪيو آهي، جيڪو شهري شعور ۽ مثبت تبديلي جي نشاني آهي. سيڪريٽري ماحوليات، موسمياتي تبديلي ۽ ساحلي ترقي آغا شاهنواز خان چيو ته سنڌ حڪومت ماحولياتي تحفظ کي اولين ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ پلاسٽڪ جي آلودگي خلاف جاري مهم ۾ عوام، واپارين، هول سيلز وڪرو ڪندڙن ۽ مالڪن جو مڪمل تعاون ساراهه جوڳو آهي. هي قانون صرف پابندي نه پر ايندڙ نسلن کي بهتر، صاف ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ جي طرف هڪ اهم قدم آهي. حڪومت طرفان هن قانون جي ڪنهن به خلاف ورزي کي برداشت نه ڪيو ويندو. نه رڳو ڏنڊ پر گرفتاريون پڻ ڪري سگهجن ٿيون. هن واضح ڪيو ته ماحوليات کاتو مقامي حڪومتن، ميونسپل ڪارپوريشنن، ميئرز، ضلعي انتظاميه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان مڪمل رابطي ۾ آهي. آغا شاهنواز خان شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي ماحول دوست رويو اختيار ڪن ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهين جي بدران متبادل ٿيلهي استعمال ڪن. هي تبديلي عارضي نه پر مستقل آهي جنهن لاءِ عوامي آگاهي مهم ۽ عملدرآمد جي نگراني مسلسل جاري رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو