پشاور ۾ ڇوڪرين کي جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

پشاور ۾ ڇوڪرين کي جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار

پشاور(ويب ڊيسڪ)پشاور ۾ ڇوڪرين کي جنسي ڏاڍائي بعد قتل ڪندڙ جوابدار گرفتار،پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جو تعلق پشاور سان آهي ۽ سندس عمر 25 کان 30 سال آهي، جوابدار کي گلبرگ پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.پوليس موجب گرفتار جوابدار جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڇوڪرين سان ميچ ڪئي وئي آهي ۽ جوابدار ٽنهي ڇوڪرين سان زيادتي جو به اعتراف ڪيو آهي.گرفتار جوابدار ٻن ڇوڪرين کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي.پوليس موجب جوابدار ڇوڪريءَ سان زيادتي جو نشانو بڻائي ان جو لباس تبديل ڪيو، جوابدار 3 جولاءِ تي ريلوي ڪالوني ۾ 10 ورهين جي ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪيو، 10 جولاءِ تي گلبرگ ۾ جوابدار هڪ ٻي ڇوڪري سان زيادتي ڪئي. 17 جولاءِ تي ڪالاباري ۾ جوابدار ٽئين ڇوڪري کي زيادتي بعد قتل ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو