اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پشاور هاءِ ڪورٽ جي ٽن ايڊيشنل ججن کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.جسٽس ڪامران حيات ميان خيل، جسٽس محمد اعجاز خان ۽ جسٽس محمد فهيم ولي کي ايڊيشنل جج طور مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.صدر وزيراعظم جي مشوري تي آئين جي آرٽيڪل 175 اي 13 تحت پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ججن کي مستقل ڪرڻ جي منظوري ڏني.










