لاهور(ويب ڊيسڪ)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره پرويز الاهي تي طنز ڪندي چيو آهي ته ڪنهن جي بابوجي جي حڪومت آهي، جيڪو کيس ووٽ نه ڏيندو.هن چيو ته وڏو وزير توهان کي اعتماد جو ووٽ وٺڻو آهي، اهو آئين ۽ قانون جو تقاضا آهي.قمر زمان ڪائره چيو ته پرويز الاهي ٻنهي مخالف ڌرين ۾ پنهنجي جاءِ رکڻ چاهي ٿو، اهو ممڪن ناهي.










