پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺي يا نه، وڏو وزير نه رهندو: حافظ

پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺي يا نه، وڏو وزير نه رهندو: حافظ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته چوڌري پرويز الاهي اعتماد جو ووٽ وٺي يا نه وٺي، وڏو وزير نه رهندو.حافظ حمدالله جو چوڻ آهي ته عمران خان جو 9 جنوري تي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو اعلان رڳو خبرون رهجي ويندو.هن وڌيڪ چيو ته ٻڌو آهي ته عمران خان ٽوئنس سٽيز جي رهواسين سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي پر نمبر بند يا مصروف هو، هاڻي خان صاحب جو نه ڪو فون ايندو ،وزيرآباد ۾ عمران خان تي حملي جي حوالي سان پي ڊي ايم ترجمان چيو ته پنجاب حڪومت جي فرانزڪ رپورٽ ۾ ثابت ٿيو ته خان صاحب کي هڪ گولي به نه لڳي، ان رپورٽ مان عمران خان جو هڪ ٻيو ڪوڙ پڪڙي ويو ۽ هو هڪ ڀيرو ٻيهر بيان جو رخ موڙي ويو. حافظ حمدالله چيو ته فواد چوڌري جي پريس ڪانفرنس نه پر پنجاب فرانزڪ ليب جي رپورٽ قانون موجب قبول آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو