خانواهڻ ( رپورٽ عاجز امتياز نوح پوٽو) نولکي واه ۾ پاڻي گهٽ هجڻ سبب ايريگيشن عملي خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو، خبر موجب نولکي واه ۾ پاڻي گهٽ ھئڻ سبب ايريگيشن عملي جي نااهلي سبب پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ايريگيشن عملي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. آبادگارن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته ضلع نوشهروفيروز جي ايريگيشن انجنيئر ڪنڊيارو روھڙي ڪئنال مان نڪرندڙ نولکي واه کي بنا جواز بند ڪرائي پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪرائي ڇڏي آهي هنن وڌيڪ چيو ته ايريگيشن عملي پئسن عيوض پنهنجي من پنسد ماڻهن کي جهٽو هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب اسان جي باغن ۽ فصلن جو شديد نقصان ٿي رهيو آهي جنهن سبب آبادگار ۽ ھاري معاشي بدحاليءَ جو شڪار ٿي ويا آهن ،هوڏانهن آبادگارن حڪومت سنڌ ايريگيشن جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد نولکي واه ۾ پاڻي ڏئي آبادگارن کي معاشي بدحاليءَ کان بچايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ آبادگارن طرفان سخت احتجاج ڪيو ويندو










